ڊاڪٽر باز محمد جوڻيجو

ڊاڪٽر باز محمد جوڻيجو

باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر

باز محمد جوڻيجو، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر باز محمد جوڻيجو 1947ع ڌاري، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ”پاٽ“ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، يونيورسٽي آف پنجاب مان بي. وي. ايس سي ۽ بي. ايس سي (اي- ايڇ)، سنڌ يونيورسٽي مان وٽرنري مئڊيسن ۾ ايم. ايس سي ۽ وڪالت جي ڊگري سميت پبلڪ ائڊمنسٽريشن ۾ ڊپلوما پڻ ڪئي. ڊاڪٽر باز محمد سنڌ جي ائنيمل هسبينڊري جي ڊائريڪٽر رهڻ سان گڏ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر، ٽيڪنيڪي صوبائي لوڪل گورنمينٽ جو ميمبر، اڳوڻو ائڊيشنل سيڪريٽري پڻ رهيو، جڏهن ته 2006ع ۾ لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي مان سيڪريٽري طور رٽائر ٿيو. کيس، چوپايي مال جي وبائي مرضن جي چڪاس، تحفظ ۽ روڪٿام ۾ مھارت حاصل آهي. هن سنڌ توڙي پاڪستان ۾ پولٽري فارمنگ، ڊيري فارمنگ، بيف فارمنگ ۽ فش فارمنگ ذريعي ڏيھي علائقن ۾ روزگار جا موقعا ۽ بھتر سھولتون فراهم ڪرڻ لاءِ عملي طور ڪم ڪيو آهي. سندس اهم ڪمن ۾: سنڌ ۾ سنٽرل وٽرنري ڊائگناسٽڪ ليبارٽري، پولٽري وئڪسين سينٽر، گهگهر ڦاٽڪ (ڪراچي) وٽ ڊيري وليج، ٻاهرين ملڪن ڏانھن گوشت جي درآمد لاءِ ميٽ پروسيسنگ زون، ڪيٽل ڪالونيز ۽ ضلعي سطح تي ٻاڪري مال لاءِ ريسرچ ائنڊ ڊيولپمينٽ فارم، ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ زرعي شعبي ۾ سڌارا آڻڻ خاطر مختلف ننڍا ادارا قائم ڪرڻ آهي. 2004ع، دهلي ۾ ست ملڪي سارڪ ڪانفرنس ۾ ايويان انفلوئنزا (Avian Influenza) جي عنوان هيٺ ٿيل سيمينار ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ان کانسواءِ چين، ملائيشيا، انڊونيشيا، بئنڪاڪ ۽ آسٽريليا مان پنھنجي فيلڊ جا مختلف وقتن ۾ تربيتي ڪورس پڻ ڪيا. سندس لکڻين ۾ لائيو اسٽاڪ جي تحفظ ۽ واڌاري لاءِ انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل مضمونن ۽ ڪتابچن کانسواءِ ڊيري گائيڊ (سنڌي)، مويشي اور معيشت (اردو)، جانورن جي فارمنگ وسيلي صنعتن جو قيام (سنڌي)، ٻڪرين جي پالنا ۽ سندن علاج جا جديد طريقه (غلام محمد ميمڻ ۽ محمد عمراڻي سان گڏ) رڍون پالڻ (عابد ٿهيم ۽ ڊاڪٽر سعديه وارثي سان گڏ). An epidemiological study on some important disease in cattle and buffaloes in Sindh province Common disease in Buffaloes and cow (Calves and their control) Epizootiology of fascioliasis in Livestock Patterns and Trends of contagious Disease of Livestock in Sindh وغيره شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.00.00  عيسوي

ڊاڪٽر باز محمد جوڻيجو 1947ع ڌاري ، ضلعي دادوءَ جو ڳوٺ ” پاٽ “ ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انور عباسي
ڀڳوان داس دولتاڻي ھوش
حافظ ارشد انڍڙ
حشو پارواڻي
بانو قدسيه
انور ڏنگڙائي
سيراني خواجه محڪم الدين
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
بولچند تيرٿداس نارواڻي
ٽهليو ڀڳت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون